غزا ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري، وڌيڪ 35 فلسطيني شهيد

غزا(م ڊ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، اڄ شهيد ٿيندڙ فلسطيني شهرين جو انگ وڌي 35 ٿي ويو، جڏهن ⁠ته الاقصيٰ اسپتال غذائي کوٽ سبب شديد متاثر ٻارن ۽ مريضن سان ڀريل آهي،پرڏيهي ميڊيا موجب صهيوني فوج جا حملا نه رڪيا آهن،هينئر تائين 35 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، طبي ذريعن ٻڌايو ته انهن مان 10 ماڻهن کي تڏهن نشانو بڻايو ويو، جڏهن اهي امدادي مرڪزن جي ويجهو امداد ملڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا، ٻئي پاسي، الاقصيٰ اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ غذائي کوٽ جو شڪار ٻارن ۽ مريضن سان ڀريل آهي، جن جون اکيون دُھنسل ۽ جسم ڏاڍا ڪمزور آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.