ميرپورخاص (پ ر ) جيئي سنڌ محاذ پاران اڄ سنڌ دشمن رٿائن ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌو درياهه جي تحفظ، جبري مذھب جي تبديلي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ميرپورخاص ۾ احتجاجي مارچ ٿيندو، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيو ويون آهن، ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، نواز شاهه ڀاڏائي، غفار ميرجت، اياز سولنگي، عابد ڪوري ۽ ٻين ڪالهه ڇھين ڏينھن بـ ميرواھ گورچاڻي، ڊينگاڻ ڀرڳڙي، ڪوٽ غلام محمد، اٺھتر موري، کاڻ، بچاءُ بند ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري عوام کي مارچ ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي، رياض علي چانڊيوچيو ته سنڌ اھڙي صدوري ڌرتي رھي آھي جتي اسان جي بزرگن سدائين محبت امن اتحاد ۽ رواداري جي ڳالھه ڪئي، اڄ اتي ڪي ھٿرادو پيدا ڪيل مذھبي جنوني نابالغ نياڻين جو جبري مذھب تبديل پيا ڪن، شاهه لطيف سچل سرمست ۽ شاهه عنايت جا کوڙ پيروڪار ھندو ھئا ۽ اڄ بـ آھن پر انھنن ڪنھن بـ ھندو کي زبردستي مسلمان ڪونـ ڪيو ڇو ته ھو ڄاڻن پيا تـ دين ۾ زبردستي ناھي انسانيت وڏو مذھب آھي اڄ بـ ميرپورخاص ۾ جانھيري شريف جو ڏيڍ سئو سالا تاريخ رکندڙ مدرسو موجود آھي پر اتي ڪنھن کي بـ اغوا ڪري مذھب نٿو مٽايو وڃي، اھو سنڌ جي خمير جو ڪمال آھي، ملڪ جي قانون ۾ نابالغ نياڻين جو مذھب تبديل ڪري شادي ڪرڻ ڏوھه آھي پر ھتي پيپلزپارٽي جي سرپرستي ۾ سرڪاري پير ۽ مذھب جا ٺيڪيدار ھندو نياڻيون اغوا پيا ڪرائين، ته ٻي طرف ڌاڙيل راڄ آھي جن سنڌ جو امن تباھ ڪري زندگي جا دڳ بند ڪري ڇڏيا آھن، منشيات فروشي لاقانونيت عدم تحفظ پيپلزپارٽي جي 18 سالا دور حڪومت ۾ سنڌين جو مقدر بڻيا آھن، انڪري سنڌ جا ماڻھو ساٿ ڏين سنڌ کي پرامن سياسي مزاحمت جي ذريعي ئي بچائي سگھي ٿو .