راولپنڊي( م ڊ)فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير سان ليبيا جي فوج جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حَفتر ملاقات ڪئي،آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ٿي، جتي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ باهمي دلچسپي وارا معاملا، خطي جي بدلجندڙ صورتحال، سيڪيورٽي چيلينجز ۽ دفاعي سهڪار بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي،هن ملاقات دوران دفاعي صنعت ۾ گڏيل سهڪار ۽ ٽيڪنيڪي مهارت جي مٽاسٽا تي به اتفاق ڪيو ويو. گڏوگڏ موجوده سيڪيورٽي چيلينجز کي اثرائتي نموني منهن ڏيڻ بابت به ڳالهيون ٿيون،ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حَفتر جي ايڇ ڪيو آمد دوران يادگارِ شهدا تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان آرمي جي چاق و چوبند دستي کيس گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو،هن دورو پاڪستان ۽ ليبيا وچ ۾ وڌندڙ دفاعي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو.