ڪراچي ( رپورٽر)وفاقي اينٽي ڪرپشن عدالت چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني کي ٽڊاپ ميگا ڪرپشن جي سڀني ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو،ڪراچي ۾ ٽڊاپ ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت گيلاني کي ڪرپشن جي 14 ڪيسن مان بري ڪيو، جڏهنته ٻين سمورن جوابدارن کي به آزاد ڪيو، عدالت چيو ته ڪيس هاءِ ڪورٽ مان اسان وٽ آيا، انهن ۾ به فيصلو ڪري رهيا آهيون. هر هڪ کي الڳ الڳ ٻڌو ويو آهي،ڪيـس جي ٻڌڻي کان پوءِ يوسف رضا گيلاني سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر وڪيل فاروق ايچ نائيڪ چيو ته 2013 ۽ 2014 ۾ 26 ڪيس ٺاهيا ويا، سڀني ۾ ساڳيو الزام هو ته ٽڊاپ ۾ سبسڊي لاءِ 50 لک رپيا ورتا ويا، ايفآءِاي هڪ شخص جي چوڻ تي ڪيس ٺاهيو، يوسف رضا گيلاني 10 ڪيسن ۾ ضمانت تي هئا، پر ايفآءِاي کين مفرور قرار ڏنو، فاروق ايچ نائيڪ چيو ته عدالت يوسف رضا گيلاني کي سڀني ڪيسن مان بري ڪيو، هن چيو ته گيلاني خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا هئا، عدالت انصاف ڪيو جنهن تي جج صاحب جا ٿورائتا آهيون، يوسف رضا گيلاني چيو ته مٿس ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا. فاروق ايچ نائيڪ بهترين طريقي سان منهنجو ڪيس وڙهيو. الله جو شڪر آهي جو اڄ عدالت سڀني ڪيسن مان باعزت بري ڪيو، هن چيو ته جن ماڻهن ڪيس ٺاهيا، مان انهن جو اتحادي آهيان، کين ڇڏي نٿو سگهان. قانونسازي ٿيڻ گهرجي ته جيڪڏهن فيصلو نه ٿئي ته ڪيس ختم ٿيڻ گهرجن،