سياحتي ڍنڍن جي چوڌاري نون هوٽلن جي تعمير تي پابندي جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)حڪومت اترين علائقن ۾ ڍنڍن جي آس پاس نون هوٽلن جي تعمير تي 5 سالن لاءِ پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب اهو فيصلو غيرمنظم تعميراتي سرگرمين سبب ماحولياتي نقصان کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، گلگت بلتستان ماحولياتي تحفظ اٿارٽي جي سينيئر عهديدار خادم حسين اي ايف پي سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اهڙي رفتار سان هوٽلن جي تعمير جاري رهي ته هتي ڪنڪريٽ جهنگ بڻجي ويندو، ماڻهو هتي ڪنڪريٽ ڏسڻ لاءِ ناهن ايندا، پر قدرتي خوبصورتي مان لطف اندوز ٿيڻ ايندا آهن، هن چيو ته رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گلگت بلتستان ۾ 13 هزار کان وڌيڪ دلڪش گليشيئر موجود آهن ۽ اهو علائقو چيري جي باغن ۽ ڍنڍن سبب ملڪي ۽ غيرملڪي سياحن جي توجہ جو مرڪز بڻيل آهي، پر گذريل سالن ۾ وڏي پيماني تي هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز جي تعمير سان پاڻي ۽ بجلي جي نظام تي شديد دٻاءُ وڌو آهي،گذريل مهيني هڪ غيرملڪي سياح سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ هن الزام هنيو هو ته هڪ هوٽل هُنزا جي عطا آباد ڍنڍ ۾ گندو پاڻي ڇڏيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.