چڪوال(م ڊ) برساتن سبب هندن جي مقدس هنڌ ڪٽاس راج جو تاريخي مندر ۽ مشهور تلاءُ به متاثر ٿيا آهن، ست گڙھ مندر پاڻي ۾ ٻڏي ويو جڏهن ته ڪٽاس راج تلاءُ مڪمل طور پاڻي سان ڀرجي وڃڻ بعد پارڪ ۽ ويجهن مندرن ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو آهي، برسات جي پاڻي ڪٽاس راج واري هنڌ تي روڊ کي به وڪوڙي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ کلر ڪهار چوا سيدن شاهه روڊ هر قسم جي ٽرئفڪ لاءِ بند ٿي ويو، جنهن سبب شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.