پ پ اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي سان سنڌ تي قابض آهي:حافظ نعيم

لاهور(بيورو)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ادارن کي عوام تي بدعنوان عنصرن کي مسلط ڪرڻ جي رويي جو جائزو وٺڻ گهرجي. فارم 47 جي بنياد تي ايندڙ حڪمران بهتري نٿا آڻي سگهن. حڪومت ۽ مخالف پارٽين وچ ۾ ٽرمپ جي چاپلوسي جو مقابلو جاري آهي، منصوره ۾ مرڪزي تربيت گاھ ۾ شرڪت ڪندڙ اندرون سنڌ جي ماڻهن جي وڏي انگ کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ تي ماڻهن جي نه پر اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان قبضو ڪري رهي آهي، ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي کٽيل سڀئي سيٽون ڏنيون ويون،ادارن جي مدد کانسواءِ، پيپلز پارٽي ڪراچي جو ميئر ڪيئن بڻجي سگهي ٿي؟ هن چيو ته سنڌ ۾ ڏهاڪن کان اقتدار ۾ رهندڙ پيپلز پارٽي جي حڪومت مهراڻ وادي جي ماڻهن کي سڀني بنيادي سهولتن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. صوبي جي 450 ارب رپين جي تعليمي بجيٽ جي باوجود، تعليم تباهي جو شڪار آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي سردارن جي سرپرستي حاصل آهي، سرداري نظام هڪ ظالمانه نظام آهي، صوبي جي عوام کي ان خلاف اٿڻ گهرجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.