قدرتي وهڪرن تي بحريا ٽائون ۽ ٻين رهائشي اسڪيمن جا قبضا

اسلام آباد/لاهور (امداد سومرو) اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، جتي هر نئين ڏينهن تي نئين هائوسنگ سوسائٽي وجود ۾ اچي رهي آهي. قدرتي نالن ۽ وهڪرن تي اڏاوتن سبب  پاڻي جي قدرتي نيڪال جا رستا بند ٿي ويا آهن، جنهن ڪري سوسائٽيون، موٽرويز ۽ آباديون پاڻي ۾ ٻڏي ويون آهن. مرجان ڳوٺ، بليو ورلڊ سٽي، بحريه ٽائون سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ فوج کي ريسڪيو لاءِ گھرايو ويو. قدرتي جبلن کي ڪٽي هائوسنگ پراجيڪٽ ٺاهيا ويا، جتي اڳ وهڪرا هئا، اتي هاڻ عمارتون بيٺيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو روڊن تي گاڏيون ٻڏي ٻڏنديون آهن ۽ ماڻهو ڦاٿل آهن. رچنا ٽائون ۽ جي ٽي روڊ تي به پاڻي جي نيڪال جا بندوبست ناهن، جتي اڳ انگريزن وڏيون پليون ٺاهيون هيون، اڄ ننڍڙا لنگهه به بند ٿي ويا آهن. ميڊيا تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي صورتحال کي ڪوريج نه ڏيڻ تي پڻ سوال اٿيا آهن. مبينا طور وڏن بلڊرن جا اشتهار ملڻ سبب بحريا ٽائون، بليو ورلڊ سٽي ۽ ڪيپيٽل سٽي جهڙا نالا ميڊيا ۾ رپورٽ نه پيا ٿين، برسات جي اهڙي ڪوريج ئي نٿي ٿئي جو متان انهن منصوبن جا نالا اچي وڃن، ميڊيا جي خاموشي نظر اچي ٿي، رڳو هڪ ٻه خبرون ڏنيون وڃن ٿيون. جيڪڏهن اهڙي صورتحال ڪراچي ۾ هجي ها ته ميڊيا تي مسلسل ڪوريج ڏسڻ ۾ اچي ها. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز همت ڏيکاري، سرڪاري نقشا ڪڍرائي ڄاڻ حاصل ڪري ته ڪهڙن قدرتي نالن تي هائوسنگ سوسائٽيون ٺهيل آهن، اهي سيل ڪري نالا کولرائي، بلڊر مافيا خلاف قدم کنيو وڃي. بجلي جي صورتحال به خراب آهي، جتي ليسڪو ڪيترن ئي علائقن کي بجلي ڏيڻ بند ڪري ڇڏي. لاهور جهڙي وڏي شهر ۾ بجلي غائب آهي ته ٻهراڙي ۾ ڇا ٿيندو؟ مراد علي شاهه به بجلي جي اڻهوند تي ڳالهايو. ساڳئي وقت مريم نواز ڊي پي او حافظ آباد جي لگزري آفيس جو به نوٽيس وٺي، ڇاڪاڻ ته غريب ملڪ اهڙا خرچ نٿو سهي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.