پاڪپتن (م ڊ) بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا جي پٽ موسيٰ مانيڪا پنهنجي ملازم تي فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب فائرنگ جو واقعو مبينا ڪم ۾ غفلت سبب پيش آيو. ڊي پي او جاويد اقبال مطابق موسيٰ مانيڪا کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيو ويو جڏهن ته زخمي ملازم علي بهادر کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي. پوليس موسيٰ مانيڪا خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.