انساني حقن جي کاتي ۾ ڀرتين بابت سيڪريٽري کان رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل بئنچ انساني حقن جي کاتي سکر ۾ ملازمن جي مستقل  ڀرتي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. سيڪريٽري هيومن رائٽس سنڌ اڪرم علي خواجا عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪم جي ڪاپي ناهي ملي، ڪجهه وقت ڏنو وڃي. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته آڪٽوبر 2024 ۾ عدالت ٻن مهينن اندر مستقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عملدرآمد اڃا تائين ڇو نه ٿيو؟ عدالت سيڪريٽري کي ٽن هفتن اندر درخواستن جو جائزو وٺڻ ۽ عدالتي حڪم تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ياد رهي ته يعقوب سميت ٻين ملازمن مستقل نه ٿيڻ تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.