15 ڪلاڪن جي طوفاني برسات پنجاب کي ٻوڙي ڇڏيو، 63 ماڻهو فوت

لاھور/ اسلام آباد/ راولپنڊي(بيورو/ م ڊ) پنجاب ۾ طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، راولپنڊي ۾ 15 ڪلاڪن دوران 230 ملي ميٽر برسات ٿيڻ سبب نديون ۽ نالا اٿلي پيا، نالا لئي جي سطح خطري واري حد تائين وڌڻ تي سائرن وڄايا ويا، چڪوال ۾ ڪلائوڊ برسٽ کان پوءِ 423 ملي ميٽر برسات ٿيڻ تي ڊيم جو بند ٽٽي پيو، 24 ڪلاڪن دوران حادثن ۽ واقعن سبب 63 ماڻهو فوت ۽ سوين زخمي ٿي پيا، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ گذريل رات  کان ٿيندڙ وسڪاري برسات سبب هر طرف پاڻي ئي پاڻي ٿي ويو آهي، نالا لئي جي سطح بلند ٿيڻ سبب خطري جا سائرن وڄايا ويا، جڏهن ته پاڪ فوج نالا لئي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ گوالمنڊي پل پهتي. ڀرپاسي وارين مسجدن مان به اعلانن ڪرايا ويا، آبادي کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي، راولپنڊي ڪنٽونمينٽ ۽ چڪلالا ڪنٽونمينٽ بورڊ پاران نالي جي صفائي نه ٿيڻ سبب برساتي پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، بحريه ٽائون فيز 8 ۾ به نالي جو پاڻي روڊن تي اچي ويو، راولپنڊي ۾ نيو چاڪرا، ٽينچ ڀاٽه ۽ جان ڪالوني ۾ به برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، جان ڪالوني جي رهواسين امدادي ٽيمز کان مدد جي اپيل ڪئي، گرجا روڊ ۽ قريشي پاڙي ۾ به پاڻي جو زور گهٽ نه ٿي سگهيو، ڪيترائي گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، راولپنڊي ۾ چڪري روڊ لاديان ڳوٺ ۾ ڦاٿل فيملي کي هيلي ڪاپٽر ذريعي پاڻي مان باهر ڪڍيو ويو، ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي ضلعي ۾ هڪ ڏينهن جي موڪل جو اعلان ڪندي شهرين کي هدايت ڪئي ته هو رڳو انتهائي ضروري ڪم جي صورت ۾ ئي گهرن کان ٻاهر نڪرن، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ شديد برسات سبب موٽروِي به پاڻي هيٺ اچي ويو، موٽروِي تي موجود شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، ڄاڙن شهرن ۾ 250 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي ، جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، هوڏانهن چڪوال ۾ ڪلائوڊ برسٽ سبب طوفاني مينهن وسيو، جڏهن ته 10 ڪلاڪن دوران 423 ملي ميٽر مينهن پوڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، چڪوال ضلعي انتظاميا مطابق چڪوال ۾ مسلسل مينهن پوڻ سبب 8 ڊيم ۽ 15 پليون ٽٽڻ سان تباهي آئي، پي ڊي ايم اي پنجاب جي ترجمان موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ تيز برساتن سبب 63 ماڻهو حياتي وڃائي چڪا آهن ۽ 290 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، لاهور ۾ 15، فيصل آباد ۾ 9، ساهيوال ۾ 5، پاڪپتن ۾ 3 ۽ اوڪاڙا ۾ 9 ماڻهو فوت ٿيا، پاڪ فوج جي مدد سان 57 ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو، جهلم ۾ 50 کان وڌيڪ ريسڪيو ٻيڙيون ماڻهن کي پاڻي مان ڪڍڻ ۾ مصروف آهن، منڊي بهائوالدين شهر ۾ به 210 ملي ميٽر مينهن ريڪارڊ ڪئي وئي هئي، جنهن سبب روڊ ۽ گهٽيون تلاءَ ۾ تبديل ٿي ويون، وهاڙي ۾ 351 ۽ چوآسيدن شاهه ۾ 330 ملي ميٽر مينهن ريڪارڊ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.