پوليس ۾ جونيئر کي سينيئر پوسٽن جي اضافي چارج ڏيڻ واري ڪيس ۾ نوٽيس جاري

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ پوليس ۾ جونيئر آفيسر کي سينيئر پوسٽن جو اضافي چارج ڏيڻ واري ڪيس ۾ 15 ايس پيز ۽ اي ايس پيز خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي ، درخواستگذار حماد نعيم جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته او پي ايس جي بنياد تي جونيئر آفيسرن کي سينيئر پوسٽن جو اضافي چارج ڏنو ويو آهي، درخواست تي عدالت چيف سيڪريٽري، گهرو کاتي واري سيڪريٽري ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کي نوٽس جاري ڪندي تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته هي ته اضافي مقرريون آهن توهان کي ڇا مسئلو آهي؟، پوليس ۾ مقررين سان درخواستگذار ڪئين متاثر ٿيندو؟، وڪيل چيو ته درخواستگذار شهري جي حثيت سان درخواست داخل ڪئي آهي، عدالت چيو ته توهان زميدار شهري جي حثيت سان پوليس آفيسرن خلاف درخواست داخل ڪرائي رهيا آهيو؟، عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته درخواست ۾ مقررين جا آڊر ڇو نه ڏنا ويا آهن؟، وڪيل چيو ته اهي مقررين جا آرڊر زباني حڪم تي ڏنا ويا آهن، عدالت درخواست جي ٻڌڻي گرمين جي موڪلن کان پوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته او پي ايس تي ڪم ڪندڙ ايس ڊي پي او شاهراهه فيصل احمد اقبال ميمڻ کي ايس پي گلشن، ايس ڊي پي او عمير طارق بجاري کي ايس پي جمشيد ڊويزن، منصور احمد بوزدار کي ايس پي ملير، ذوالفقار حيدر جعفري ايس پي گڏاپ، ماجده پروين هاليپوٽو کي ايس پي جاچ اوڀر ۽ مصرور احمد جتوئي کي ايس پي منگهو پير جي جارچ ڏني وئي آهي، او پي ايس جي بنياد تي عارضي چارج سنڌ پوليس رولز جي خلاف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.