لاهور سميت پنجاب ۾ طوفاني برسات، 30 ماڻهو فوت

لاهور(بيورو) لاهور سميت پنجاب ۾ طوفاني برسات دوران گهرن جون ڇتيون، ڀتيون ڪرڻ ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب 30 ماڻهو حياتيوڃائي ويٺا جڏهن ته 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، لاهور ۾ ٻن عورتن ۽ ٻار سميت 16 ڄڻا فوت ٿيا، فيصل آباد ۽ رائيونڊ ۾ 4-4 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا، شيخوپوره، شاهه ڪوٽ، عارف والا ۽ ننڪاڻا صاحب ۾ به هڪ هڪ فوتگي ٿي، بوري والا ۽ اوڪاڙو ۾ به 2 ماڻهو فوت ٿيا، لاهور جي ٺوڪر نياز بيگ ويجهو ڳوٺ ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ماڻهو، مومن پورا ۾ 3 ماڻهو، جڏهن ته مشن ڪالوني ۽ ڪوٽ جمال ۾ وڌيڪ 4 ماڻهو فوت ٿي ويا، هربنس پورا ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻه ٻار حياتي وڃائي ويٺا، فيصل آباد ۾ ڇت ڪرڻ جي ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ مڙس زال ۽ ماءُ پٽ فوت ٿيا، ٻي پاسي خيبرپختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ 234 ملي ميٽر برسات شيخوپوره ۾ رڪارڊ ڪئي وئي، منڊي بهاءُالدين ۾ 168 ملي ميٽر، حافظ آباد 127 ملي ميٽر، لاهور ايئرپورٽ تي 120 ملي ميٽر ۽ شهر ۾ 76 ملي ميٽر برسات پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.