ٽنڊي حيدر لڳ هٿياربندن هٿان نوجوان قتل

حيدرآباد(رپورٽر) ٽنڊوحيدر ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن گولي هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو, جوابدار نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. مقتول نوجوان جي سڃاڻپ عمران پٽ علي اڪبر دائودپوٽو جي نالي سان ٿي آهي. ٻڌايو پئي ويو ته مقتول نوجوان حيدرآباد جي ٽيون نمبر تلاءُ  واري علائقي جو رهواسي هو. ان ڏس ۾ راهوڪي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي, نوجوان کي مٿي ۾ گولي لڳل آهي, مقتول جي گاڏي، ٻٽون ۽ ٻيو سامان به مليو آهي. هوڏانهن اطلاع تي مقتول نوجوان جا وارث پڻ اسپتال پهتا ۽ پوليس مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جاچ کي اڳتي وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.