عوام سان ڦرلٽ ۽ تذليل وارو رويو رکيو ويو آهي:ڪاشف شيخ

ڪراچي ( رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي مجلس شوريٰ ملڪ ۾ سياسي، معاشي بحران، بدامني، دهشتگردي، مهانگائي، حڪومتي نااهلي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ امن قائم، معيشت جي بحال، دهشتگردي، مهانگائي ۽ بيچيني جي خاتمي لاءِ ڪرپشن فري قدم کڻي، پيٽرول جي قيمتن ۾ ڪيل ڳاٽي ٽوڙ اضافوواپس ورتو وڃي. صوبائي شورى جو اجلاس قُباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.  سياسي قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سنڌ جي اترين علائقن خاص طور تي لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آهي، جڏهن ته ڪي پي، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ حڪومت جي رِٽ مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آهي. ڪي پي ۾فوجي جوان، مزدور ۽ عوامي نيشنل پارٽيءَ جا اڳواڻ جهڙوڪ مولانا خانزيب بي درديءَ سان قتل ڪيا ويا، جيڪا حڪومتي نااهلي ۽ غلط پاليسين جو نتيجو آهي. سنڌ  صوبو به بدترين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جتي روڊ  رستن تي شام ٿيندي ئي دهشت پکڙجي ٿي وڃي، روزانو درجنين شهرين کي ڌاڙيل ڀُنگ عيوض يرغمال بڻائي رهيا آهن. اغوا انڊسٽري هاڻي نفع بخش ڌنڌو بڻجي ويو آهي. ڪراچيءَ ۾ رڳو ڇهن مهينن ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو ڦر دوران قتل ٿيا. ڪراچيءَ جا روڊ رستا تباهه آهن، ماڻهو پاڻي، بجلي، صحت ۽ صفائي جي خراب صورتحال جو شڪار آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت جو سمورو زور فقط گاڏين تي نيون نمبر پليٽ لڳائڻ تي آهي. عوام سان لُٽ مار ۽ تذليل جو رويو اختيار ڪيو ويو آهي، جيڪو افسوسناڪ آهي. ڪچي ۽ پڪي جا ڌاڙيل گڏجي عوام کي لُٽي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.