ڪراچي (رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته اجرڪ سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ عزت جي علامت آهي، جيڪا هميشه تحفي طور ڏني ويندي آهي.صحافين سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته صوبائي روايتن جي احترام ۾ اجرڪ ڊزائن واري نمبر پليٽ پهريون ڀيرو بغير ڪنهن قيمت جي تحفي طور ڏني وڃي،.ان موقعي تي گورنر سنڌ ٽيڪسز ۽ ٻين لاڳو ٿيل رهتن بابت نظرثاني ڪرڻ جي به تجويز ڏني.