ڳڙهي ياسين (رپورٽ:حبيب الله ڪمبوھ) ڳڙھي ياسين لڳ ڳوٺ بهار جي وانڍ مان رات دير سان هٿياربند پورھيت نوجوان نعيم ٻرڙو کي اغوا ڪري ويا. وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڳوٺ تي رات دير سان اٺ کان ڏهن هٿياربند ڪاهه ڪري هوٽل تي ستل پورهيت نوجوان نعيم پٽ الهرکيو ٻرڙو کي اغوا ڪري ويا آهن، اسان صبح بروقت ڪرن ٿاڻي تي اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي، ان کان علاوه تڪ جي ايم اين اي محمد شھريار خان مھر ۽ ايم پي اي آغا سراج خان دراني کي به آگاهه ڪيو ۽ مطالبو ڪيو آهي ته اسان مسڪينن جو پورهيت نوجوان جلد بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.