گورنر سمجهي ته اجرڪ واري نمبر پليٽ ڪا ثقافتي ڊزائن ناهي: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي دوستن کي صلاح آهي ته ڪو به بيان ڏيڻ کان اڳ ان بابت ڄاڻ حاصل ڪري وٺن ته جيئن کين شرمساري جو منهن نه ڏسڻو پوي. ڪراچي ۾ ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته گورنر سنڌ شايد نئين نمبر پليٽ واري معاملي بابت حقيقتن کان بي خبر آهن، نئين نمبر پليٽ ڪو ثقافتي ڊيزائن نه آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اهڙي جديد ٽيڪنالاجي واريون نمبر پليٽون تيار ٿي رهيون آهن. انهن جو مقصد جعلي نمبر پليٽن جو خاتمو، ڏوهن جي روڪٿام ۽ گاڏي جي چوري ٿيڻ جي صورت ۾ ان جي فوري بازيابي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.