لاهور(بيورو) لاهور جي شاهدره ٽائون ۾ موٽر سائيڪل سوار پاڻي جي کڏي ۾ ڪِري پيو، جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيچ بهسامهون اچي ويا آهن، شاهدره ٽائون جي رسول پارڪ ۾ سيوريج جي کوٽائي بعد طوفاني برسات جو پاڻي بيهي ويو هو، هڪ شهري موٽر سائيڪل تي گهر مان نڪري وڃي رهيو هو ته کليل مين هول ۾ ڪري پيو، جنهن کي شهرين ڏسي ورتو، فوري طور پنهنجي مدد پاڻ تحت شهري کي ٻاهر ڪڍي ورتو ۽ ٻڏڻ کان بچائي ورتو.