اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آمريڪا پاران ايراني سفير رضا اميري مقدم کي انتهائي گھربل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ کان پوءِ، پاڪستان واضح ڪيو آھيته اسلام آباد ۾ مقرر ايران جو سفير ’انتھائي قابلِ احترام شخصيت‘ آھي. واضح رھي ته پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جو ھيءُ بيان اھڙي وقت سامھون آيو آھي، جڏهن آمريڪي فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (ايف بي آءِ) ايراني سفير رضا اميري مقدم کي 2007ع ۾ رٽائرڊ ٿيندڙ ايف بي آءِ جي اسپيشل ايجنٽ ’رابرٽ اي باب ليونسن‘ جي گمشدگي ۽ امڪاني اغوا ۾ مبينا ڪردار جي الزام هيٺ انتھائي گھربل ماڻهن‘ جي فهرست ۾ شامل ڪيو آھي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايران جو سفير اسلام آباد ۽ تهران جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ پنهنجي ڪردار سبب انتهائي قابلِ احترام سمجھيو وڃي ٿو. هن چيو ته رضا اميري مقدم کي ھڪ سفير جي حيثيت سان اھي سڀ رعايتون، ڇوٽٰ ۽ عزتون حاصل آھن، جيڪي ڪنھن به دوست پرست پاڙيسري ملڪ جي سفير کي ڏنيون وڃن ٿيون.
-
مخالف ڌر ڪي پي مان سينيٽ جي 11 سيٽن مان 5 سيٽون گهري ورتيون
پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا ۾ سينيٽ چونڊن جي حوالي سان پي ٽي آءِ ۽ مخالف ڌر جي جماعتن وچ ۾ ڳجهن رابطن ۾ تيزي اچي وئي آهي، ذريعن موجب، ٻنهي پاسن جي قيادت هارس ٽريڊنگ روڪڻ ۽ اليڪشن جي عمل کي صاف ۽ شفاف رکڻ لاءِ سڀني اميدوارن کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرائڻ تي سنجيدگي سان غور ڪري رهي آهي، ذريعَن جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر صوبي مان سينيٽ جي 11 سيٽن مان 5 سيٽن تي پنهنجو حصو گهري ورتو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ هن معاملي تي پنهنجي قيادت سان صلاح مشورا ڪري رهي آهي، ذريعَن ٻڌايو آهي ته ٻنهي پاسن کان اتفاق راءِ جي ڪوشش جاري آهي ۽ امڪان آهي ته اڄ تائين معاملا طئي ٿي وڃن، جيڪڏهن معاهدو ٿي وڃي ٿو ته سينيٽ چونڊن ۾ خيبر پختونخوا جي 11 سيٽن تي سڀ اميدوار بنا مقابلي جي چونڊجي سگهجن ٿا.