قلات ۾ ڪوچ تي حملو، 3 مسافر قتل، 12 زخمي، آواران ۾ آپريشن، ميجر شهيد

قلات)م ڊ) بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ هٿياربندن مسافر ڪوچ تي فائرنگ ۽ دستي بمن سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 مسافر شهيد ۽ 12 زخمي ٿي پيا، بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند تصديق ڪندي ٻڌايو ته قلات جي علائقي نيمرغ ۾ ڪراچي کان ڪوئٽا ايندڙ مسافر ڪوچ تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو، هن افسوسناڪ واقعي ۾ 3 مسافر شهيد ۽ 7 زخمي ٿيا آهن، زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قلات منتقل ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ سرچ آپريشن جاري آهي، هوڏانهن صدر آصف علي زرداري واقعي جي سخت مذمت ڪندي، قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، صدر چيو ته عام شهرين کي نشانو بڻائڻ نهايت سفاڪانه ۽ قابل مذمت عمل آهي، دهشتگرد امن ۽ استحڪام کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهي انسانيت ۽ امن جا دشمن آهن، قوم جي حمايت سان دهشتگردي جي ناسور جو مڪمل خاتمو ڪنداسين، رياست دهشتگردي خلاف طاقت سان ڪارروائي جاري رکندي، ٻي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جاري بيان ۾ چيو ته مسافر ڪوچ تي حملو بزدلاڻو عمل ۽ دهشتگردي آهي، فتنه الهندستان جون دهشتگرد تنظيمون اڳ سڃاڻپ جي بنياد تي حملا ڪنديون هيون، هاڻ عام شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته فتنه الهندستان جا دهشتگرد سافٽ ٽارگيٽ کي نشانو بڻائي امن کي لئه مٽي ڪرڻ جي گهٽيا سازش ڪري رهيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه قلات واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم مسافرن کي نشانو بڻائڻ نهايت وحشياڻو عمل آهي، دهشتگرد پاڪ سرزمين لاءِ ناسور آهن، هوڏانهن بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪندي فتنه الهندستان جا ٽي دهشتگرد ماري ڇڏيا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر سيد رب نواز طارق شهيد ٿي ويو، آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز خفيه ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو، جيڪو ڀارتي پراڪسي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.