ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) نيب جي بحريا ٽائون خلاف ڪارروائيون جاري، نيب ٽيم بحريا ٽائون جون ڪيتريون ئي گاڏيون تحويل ۾ وٺي ڇڏيون، نيب بحريا ٽائون خلاف جاري جاچ جي سلسلي ۾ هڪ وڏي ڪارروائي ڪندي هائوسنگ سوسائٽي جون ڪيتريون ئي گاڏيون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون آهن، ذريعن موجب تحويل ۾ ورتل گاڏيون بحريا ٽائون ڪراچي کان نيب آفيس منتقل ڪيون ويون آهن ته جيئن وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي، واضح رهي ته بحريا ٽائون خلاف 17 هزار ايڪڙ زمين غيرقانوني الاٽمينٽ جو ريفرنس عدالت ۾ هلندڙ آهي جڏهن ته نيب ڪجهه مهينا اڳ بحريا ٽائون جي ڪمرشل پراپرٽي کي به منجمند ڪيو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ ڏينهن ۾ بحريا ٽائون پاران مبينا ڊيل جو تاثر ڏنو پئي ويو پر نيب اختيارين واضح ڪيو آهي ته بحريا ٽائون سان ڪنهن به قسم جي ڊيل ناهي ٿي ۽ سموريون ڪارروايون قانون مطابق ٿي رهيون آهن، قانوني ماهرن موجب نيب پاران ڪيل تازين ڪاررواين مان لڳي رهيو آهي ته جاچ جي دائري کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ طرف اشارو آهي.