عمران خان پاران اختلاف ڪرائيندڙ اڳواڻن کي شٽ اپ ڪال

راولپنڊي (۾ ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو آهي ته لاهور اجلاس تي پارٽي ۾ اختلاف ڄاڻي واڻي پيدا ڪيا پيا وڃن، ذاتي اختلاف ختم ڪريو، سمورو ڌيان تحريڪ تي رکو. 300 پارليامينٽيرينز لاهور گڏجي وڃڻ تي خوشي ٿي، جيڪو اختلاف پيدا ڪندو، پارٽي ۾ ان کي مان پاڻ ڏسندس. اها ڳالهه عليما خان عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ٻين ٻن ڀينرن سان گڏ ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته باني ٻه پيغام ڏنا ۽ چيو ته ساڻس ۽ بشريٰ بي بي سان ظلم ٿي رهيو آهي، منهنجي ٽي وي ۽ اخبارون بند ڪيون ويون آهن، سپرنٽينڊنٽ جيل ۽ ڪرنل صاحب انساني حق ختم ڪيا آهن، مون سان ورتاءُ جو حساب ٿيڻ گهرجي، اهو سڀ هڪ شخص جي چوڻ تي ڪيو پيو وڃي. عليما خان موجب، اسان هتي ٻن سالن کان جيل ۾ اچي رهيا آهيون، اسان جي فيملي، پارٽي جي فيصلن سان گڏ آهي، اسان جي فيملي چاهي ٿي ته باني جي پيغامن تي عمل ٿئي، اسان کي هاڻي رستو ٺاهڻو آهي، باني جي آزادي جو سپرنٽينڊنٽ جيل باني سان غير انساني ورتاءُ ختم ڪري. باني جو مطلب اهو آهي ته پارليامينٽيرينز کي فيصلو ڪرڻو آهي سياست ۾ رهڻو آهي يا نه، ڳالهيون ڪنهن ڳالهه تي ڪرڻيون آهن، باني جا ڪيس ٻڌو، ڳالهه ختم ٿي ويندي. پي ٽي آءِ اڳواڻ ملڪ احمد خان چيو ته لاهور ۾ 5 آگسٽ تائين اسان جي تحريڪ هلندي رهندي، 26 اسيمبلي ميمبرن بابت اسپيڪر صاحب سان گڏجاڻي ٿي آهي، اپوزيشن کي احتجاج کان نٿو روڪي سگهجي. سلمان اڪرم راجا چيو ته باني جون واضح هدايتون آهن ته اسان کي لاهور اجلاس بابت ميڊيا تي ڳالهائڻو آهي، پيسي جي ڪري پارٽي ڪنهن کي ٽڪيٽ ناهي ڏيندي، اسان سڀني کي گڏجي هلڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.