ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي جي عدالت ۾ موٽر سائيڪلن جي اجرڪ واري پليٽن جي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت فوري ٻڌڻي جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، جسٽس ذوالفقار علي سانگي رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو ڪجهه هزار رپين جو معاملو آهي، ان کي موڪل دوران آڻي رهيا آهيو، جڏهن ته ماڻهن جا ٻيا اهم ڪيس به لڳل آهن، عدالت هدايت ڪئي ته درخواست موڪلن کانپوءِ پيش ڪئي وڃي، سماجي ڪارڪن فيضان حسين پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت پاران نمبر پليٽ جي تبديلي جو فيصلو غريب شهرين لاءِ تڪليف جو باعث بڻجي ويو آهي، درخواستگذار جي وڪيل مشتاق تنولي چيو ته هي انتهائي اهميت جو معاملو آهي،هزارين موٽر سائيڪل سوارن جا روزانو چالان ٿي رهيا آهن.
-
پي ٽي آءِ ۾ ڪي اختلاف ناهن، غلط فهمي آهي: بئريسٽر گوهر
راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته پي ٽي آءِ ۾ ڪي اختلافناهن، غلط فهمي آهي، منهنجي شيخ وقاص ۽ عاليا حمزا سان ڳالهه ٿي وئي آهي. اڊيالا جيل پهتل پي ٽي آءِ چيئرمين کي پوليس روڪي ورتو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان چئي چڪو آهي ته 5 آگسٽ تي تحريڪ عروج تي هوندي، علي امين گنڊاپور کي عمران خان جي حمايت حاصل آهي، هو سٺي نموني صوبو هلائي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي پارٽي ٻين پارٽين جيان پسند ناپسند تي ناهي هلندي، سياست ۾ دل وڏي رکڻي پوندي آهي، اسان تحريڪ به هلائينداسين پر اسان ڪي گوريلا فورس نه آهيون، ٻه سال ٿي ويا آهن، جيڪي ماڻهو مٿي ويٺا آهن انهن کي سوچڻ گهرجي. سينيٽ اليڪشن لاءِ جيڪا لسٽ گردش ۾ آهي اها جعلي آهي، اسان جيڪا لسٽ جاري ڪئي، اهي ئي اميدوار آهن.