ڪراچي(رپورٽر) جناح اسپتال ۾ اينٽي بائيوٽڪ ۽ ٻيون حياتي بچائيندڙ دوائون موجود نه آهن، جنهن سبب مختلف بيمارين ۾ مبتلا مريضن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اسپتال ذريعن موجب، خاص طور تي انفڪشن ۾ ورتل مريضن لاءِ اينٽي بائيوٽڪ دوائون انتهائي ضروري آهن، جيڪي هن وقت دستياب نه آهن،جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شاهد رسول ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته دوائن جي خريداري وارو معاهدو 30 جون تي ختم ٿي چڪو آهي، هن وڌيڪ چيو ته روزانو 2000 کان وڌيڪ مريض ايمرجنسي ۾ اچن ٿا، جن کي جان بچائيندڙ دوائون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي، پر دوائن جي خريداري لاءِ نئين معاهدي ڪرڻ لازمي آهي.