دڙي ۾ بٺوري واسي مغوي جي بازيابي لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي مهم

دڙو( منٺار ٺاراڻي)دڙي ۾ بٺورو واسي مغوي جي بازيابي لاءِ ڀنگ جي رقم گڏ ڪرڻ دڪان تي هلي وڃي چندو ورتوتفصيل موجب :دڙي ۾ ميرپوربٺورو جي ڳوٺ اسحاق ٺاراڻي جي مغوي پورهيت گلڻ ٺاراڻي جي بازيابي لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي 3 مهينا اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل پورهيت گلڻ ٺاراڻي جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن پاران مغوي جي وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته حڪومت ۽ انتظاميا پاران مغوي جي بازيابي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن جنهن ڪري مغوي پورهيت جي گھر ۾ روڄ راڙو متل آهي ان سلسلي ۾ ميرپوربٺورو جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن چيئرمين منور زئور، قادر بخش زئور ،صحافي منٺار ٺاراڻي ،اسحاق ٺاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀنگ جي رقم گڏ ڪرڻ لاءِ دڙي شھر جي دڪان دڪان تي هلي وڃي چندو گڏ ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ لاقانونيت ۽ بدامني جي ور چڙهيل آهي حڪومت ۽ انتظاميا جي نااهلي سبب 3 مهينا گذرڻ باوجود مغوي پورهيت گلڻ ٺاراڻي بازياب ٿي نه سگهيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.