اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اليڪشن ڪميشن محفوظ فيصلو ٻڌائيندي قومي اسيمبلي جي ميمبر جمشيد دستي جون تعليمي سند جعلي قرار ڏئي ڇڏيون ۽ کيس نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جمشيد دستي جي نااهلي بابت ٻه درخواستون منظور ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان ڏنل ريفرنس به قبول ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته مئي ۾ اليڪشن ڪميشن پاڪستان، جمشيد دستي خلاف اثاثن ۽ تعليمي سند بابت درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪيو هو.
 
			