راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان انڊونيشيا جي وزير دفاع ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) سيفري سمسودين جي ملاقات ٿي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عسڪري لاڳاپا وڌيڪ هٿي وٺرائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي،آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، انڊونيشي وفد ۾ مختلف سروسز ۽ انٽيليجنس ادارن جا نمائندا پڻ شامل هئا، ۽ هي ملاقات جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي،ملاقات دوران ٻطرفي دفاعي سهڪار، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ مستقبل ۾ عسڪري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي امڪانن تي ويچاريو ويو،فيلڊ مارشل عاصم منير خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ باهمي سهڪار جي اهميت تي زور ڏنو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي پراڻين دوستاڻن لاڳاپن ۽ سهڪار کي به اجاگر ڪيو ويو.
-
يارهين اين ايف سي ڪميشن قائم، ٽن صوبن ميمبر مقرر ڪري ڇڏيا
اسلام آباد(بيورو+م ڊ)11هين قومي مالياتي ڪميشن جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ ٽن صوبن پنهنجا خانگي ميمبر مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته بلوچستان طرفان اڃا تائين ڪنهن به نالي جي نامزدگي ناهي ڪئي وئي، ذريعن موجب، بلوچستان جي طرفان نالي جي نامزدگي ٿيڻ بعد 11هين اين ايف سي ڪميشن جي جوڙجڪ لاءِ سمري صدرِ مملڪت ڏانهن موڪلي ويندي، پنجاب پاران ناصر کوسو، سنڌ پاران اسد سعيد ۽ خيبر پختونخوا پاران مشرف سيان کي خانگي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته وفاقي ناڻي وارو وزير اين ايف سي جو چيئرمين هوندو آهي، جڏهن ته چارئي صوبن جا ناڻي وارا وزير مستقل ميمبر هوندا آهن.
-
ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو اعلان
ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو پوليس اهلڪارن کي سختي سان خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن اهلڪار پاران ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته سندس خلاف سخت محڪماڻي ڪارروائي ڪئي ويندي۔جاويد عالم اوڍو پوليس ملازمن لاءِ واضح هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته:جعلي نمبر پليٽن جو استعمال۽ ٻين ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو۔هن چيو ته جيڪو به اهلڪار ضابطن جي خلاف ورزي ۾ ملوث مليو، ان خلاف بنا ڪنهن رعايت جي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔پوليس چيف جو وڌيڪ چوڻ هو ته:سڀني آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي ماتحت عملي جي سخت نگراني ڪن، ۽ ان بابت جاري ڪيل حڪمن تي فوري ۽ مؤثر عملدرآمد ڪرائين۔”هي حڪم پوليس اندر قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام سان برابري جي اصول تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڏنو ويو آهي، جيئن پوليس جو ادارو مثالي بڻجي سگهي۔