اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو توهين مذهب جي ڪيسن جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو/م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته اها توهين مذهب جي ڪيسن جي جاچ لاءِ 30 ڏينهن ۾ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميشن قائم ڪري ۽ ڪميشن جي قيام لاءِ جيڪڏهن ڪي واڌو ضابطا ٺاهڻا پون ته اهي به ٺاهيا وڃن. گذريل ڏينهن ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان چيو ته هي ڪميشن 4 مهينن ۾ توهين مذهب بابت ڪيسن جي جاچ مڪمل ڪري پنهنجي حتمي رپورٽ پيش ڪندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو ته جيڪڏهن مقرر مدي تائين ڪميشن پنهنجي جاچ مڪمل نه ڪري سگهي ۽ ان ڏس ۾ وڌيڪ وقت گهربل آهي ته ان حوالي سان هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهجي ٿو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ ڪميشن ۾ ٿيندڙ ڪارروائي کي سڌي ريت نشر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل کي چيو ويو آهي ته هو وفاقي حڪومت کان ڪميشن جي قيام جي سلسلي ۾ هدايتون وٺي عدالت کي آگاهه ڪري. ياد رهي ته 100 کان وڌيڪ درخواست گذارن ڪميشن جي قيام لاءِ پٽيشن داخل ڪئي وئي. درخواستن جي ڌڻين ۾ وفاقي حڪومت ڪميشن جي قيام تي راضپو ظاهر ڪيو هو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ اهو به چيو ته ڪميشن ان معاملي کي به ڏسندي ته توهين مذهب جي ڪيسن جي داخلا جي حوالي سان وفاقي جاچ اداري ۽ ڪجهه ماڻهن جو ڳٺ جوڙ ٺهيل آهي، جنهن مبينا طور تي مختلف ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرايا آهن. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته ٻڌڻي دوران درخواست گذارن طرفان اهڙا ثبوت پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ ايف آءِ اي ۽ ڪجهه ماڻهن جي ڳٺ جوڙ جي الزامن کي هٿي ملي ٿي. جسٽس سردار اعجاز اسحاق حڪم ۾ اهو به چيو ته هن درخواست جي ستين ٻڌڻي جيڪا 31 جنوري 2025 ۾ ٿي هئي، مان ان ڪميشن جي قيام جي حوالي سان چيو هو، پر انهن درخواستن ۾ ٺاهيل ڌرين ان تي اعتراض اٿاريو ۽ چيو ته کين به ٻڌو وڃي جنهن جي ڪري انهن درخواستن جون 42 ٻڌڻيون ٿيون آهن. عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ انهن درخواستن ۾ ٺاهيل ڌرين طرفان ان نڪتي جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ هنن چيو هو ته کين مڪمل طور تي ناهي ٻڌو ويو. ياد رهي ته وفاقي حڪومت انڪوائري ايڪٽ تحت فيڪٽ فائنڊنگ ڪميشن ٺاهي ٿي جيڪا ڪنهن معاملي جي جاچ لاءِ ڪنهن به جاچ اداري جي آيسرن جون خدمتون حاصل ڪري سگهي ٿي ۽ ان ڪميشن ۾ عدليه ۽ مختلف ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ رٽائرڊ سرڪاري آفيسر به شامل ٿي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.