اسلام آباد(آصف بشير چوڌري)پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض خلاف مني لانڊرنگ جا نوان ريفرنس تيار ٿي ويا آهن، جيڪي نيب پاران فائيل ڪيا پيا وڃن. رپورٽ موجب نيب ٽي وڏا ريفرنس تيار ڪيا آهن،نيو مري ڪيس جنهن ۾ 26 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۽ پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ تي وڌا ويا آهن.تخت پڙي لينڊ ڪيس۾ 16 ماڻهن جا نالا شامل ٿيا جڏهن ته سڀ کان اهم ريفرنس مني لانڊرنگ ڪيس۾ ملڪ رياض، سندس پٽ، ناٺي، ڀائيٽين۽ ٻين 22 ماڻهن جا نالا شامل آهن.نيب ملڪ رياض جي مختلف ملڪيتن (بحريا آئڪون ٽاور، مال آف اسلام آباد، مال آف لاهور) بابت الزام لڳائي رهي آهي ته اهي آمدني جا قانوني ذريعا نه هجڻ باوجود تيار ڪيا ويا. جن مان ڪجهه ملڪيتون اڳ ئي اٽيچ ٿي چڪيون آهن.نيب دعويٰ ڪري ٿي ته "گليڪسي” نالي هڪ ڪمپني، جيڪا پاڪستان جي هڪ بااثر سياسي شخصيت جي فرنٽ مينن جي سمجهي وڃي ٿي، انهن ٽرانزيڪشنز ۾ استعمال ڪئي وئي،اها بااثر سياسي شخصيت بحريا ٽائون ڪراچي اسڪينڊل ۾ به ملوث آهي،طاقتور ڌريون ان معاملي تي گهڻيون ڪاوڙيل آهن، ملڪ رياض جي مدد ڪندڙ مختيارڪار، ڊي سيز، تپيدار، ۽ بيسي اي عملو به الزام هيٺ آهي.رپورٽ موجب ملڪ رياض لاءِ هاڻ “سڄي سسٽم ۾ همدرد” به ناپسنديده بڻجي ويا آهن، ۽ انهن جي به نشاندهي ٿي رهي آهي،انهن ريفرنسز کان علاوه 461 ڪنال جو هڪ نئين ريفرنس جي به جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي،ان ۾ چوڌري پرويز الاهي به وڪڙ ۾ اچڻ وارو آهي.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 16 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو