شاهراهه ڀٽو کي ڊسمبر تائين موٽروي سان جوڙڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊسمبر ۾ شاهراهه ڀٽو کي موٽر وي سان جوڙيو ويندو. شاهراهه ڀٽو منصوبي تي اجلاس جي صدارت ڪندي مراد علي شاهه چيو ته اهو 39 ڪلو ميٽر ڊگهو، 3 باءِ 3 هاءِ اسپيڊ روڊ آهي. مراد علي شاهه ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شاهراهه ڀٽو کي ڊسمبر ۾ ڪاٺوڙ تائين ٽريفڪ لاءِ کوليندس. اجلاس ۾ نيو لنڪ روڊ، شاهراهه ڀُٽو ايڪسپريس وي ۽ ڪورنگي ڪازوي پل سميت ڪراچي ۾ جاري اهم انفراسٽرڪچر منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو. وڏي وزير پي پي پي يونٽ کي هدايت ڪئي ته نيو لنڪ روڊ کي 25 جولاءِ 2025 تائين ۽ شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي کي ڊسمبر 2025 تائين مڪمل ڪري عوام لاءِ کوليو وڃي. اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر شاهراهه ڀٽو نياز سومرو، انجنيئر خالد مسرور ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شامل هئا. نيو لنڪ روڊ منصوبو نئين قومي شاهراهه (N-5) کي موٽروي (M-9) سان ڳنڍڻ لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي روڊ 22 ڪلوميٽر ڊگهو آهي جيڪو چار لين واري ڊبل ڪيريجي وي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. سما ڳوٺ ايليويٽيڊ اسٽرڪچر، جيڪو ملير ندي تي 4 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، مقامي ڳوٺن جي بچاءُ لاءِ تعمير ٿي رهيو آهي ۽ ان جي 48 سيڪڙو فزيڪل ڪم آگسٽ 2024 کان مڪمل ٿي چڪو آهي. شاهراهه ڀٽو ۽ ڪورنگي ڪازوي جي جنڪشن لاءِ انتظامي منظوري ملي وئي آهي جڏهن ته ٽينڊرنگ جو عمل جاري آهي ۽ اميد آهي ته اگسٽ 2025 جي وچ ڌاري تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويندو، جيئن ئي ڪورنگي ڪازوي پل ڪم ڪرڻ شروع ڪندو موجوده ڪازوي روڊ کي بند ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انهن منصوبن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته "اهي سڀ منصوبا ڪراچي جي بنيادي اسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ، ٽرئفڪ جي مسئلن کي گهٽائڻ ۽ بھتر رابطن ذريعي معاشي واڌاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.