مندائتا مينھن ۽ اڻپورا احتياطي اپاءَ !\دادو ۾ منشيات جو سرعام وڪرو ڪير روڪيندو؟

شايد اھا ڳالهه ھن ملڪ جي عوام کان وٺي حڪمرانن تائين ھر فرد ۽ اداري جي نفسيات جو حصو آهي ته اسان ڊگھي مدي واري ڪا به حڪمت عملي جوڙي مسئلن جي مستقل حل لاءِ ڪي به اپاءَ ناھيون وٺندا، ھن وقت چوماسي جي برساتن جي مند آهي ۽ سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وسڪارا ٿي رھيا آھن، سنڌ اندر سرڪار پاران ڪيل اھي اڻپورا احتياطي اپاءُ جيڪي ھنن مندائتي برساتن کي به عوام لاءِ رحمت بدران زحمت بڻائڻ ۾ ڪا قصر ڪونه ٿا ڇڏين ۽ ٿورڙي برسات ۾ عوام ھفتن تائين انيڪ ڏکيائين کي منهن ڏئي ٿو.

انتظامي نااھلين، سرڪاري عملدارن جي لاپرواھين جي قيمت سدائين ھتي ھن ملڪ جي عام فرد ڀوڳي آھي، ڇاڪاڻ ته ملڪي اشرافيا جي نقش قدم تي هلندي ھن ملڪ جي ھر ننڍي وڏي سرڪاري عملدار جنھن کي حقيقي ۾ ته ھر صورت پيشوراڻا فرائض سرانجام ڏيندي عوام جي اھنج گھٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آھي پر ھتي صورتحال ان جي ابتڙ آهي ھاڻ جڏھن لوڪل گورنمينٽ کان وٺي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي  جھڙا ادارا به جن جي اربين روپين جي سالياني بجيٽ آھي ۽ برساتن سميت ٻين قدرتي آفتن جي صورت ۾ ئي اھو عوامي پئسو عوام لاءِ خرچ ڪري عوامي کي ريليف ڏيڻو آھي اھي ادارا به عوامي خزاني تي بار کانسواءِ سڄو سال ڪک ڀڃي ٻيڻو به ناھن ڪندا.برساتن کان اڳ احتياطي قدم کڻڻ وغيره ڄڻ ته ھنن ادارن ۽ عملدارن جي فرضن ۾ ئي شامل ناھي جنھن جو نتيجو اھو ٿو نڪري ته جئين ئي مندائتا مينھن وسڻ شروع ٿيندا آھن ته عوام ھر قسم جي آزارن کي منهن ٿو ڏئي ۽ سرڪاري سطح تي رڳو فارملٽي پوري ڪرڻ خاطر اھي عملدار به فوٽو سيشن جي حد تائين جاڳندا آھن،عوام جي دردن کي سڄي دُنيا مان ڪيش ڪرائي،عوام جي نالي تي ورلڊ بينڪ، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ سميت ٻين کوڙ عالمي مالياتي ادارن کان امداد وٺي عياشيون ڪندا رھندا آھن، ھن وقت سڄي سنڌ ۾ مينھوگي جي موسم سبب مڇرن جو آزار آھي، ماڻھن سميت مالوندن جو لکين رپين جي ماليت جو مال مڇرن جي آزار ۾ آھي،پر حرام آھي ڪٿي ڪو سرڪاري عملدار نظر اچي جيستائين ڪو وڏو حادثو نه ٿئي تيستائين تائين عوام ڄاڻي عوام جو ڪم. باقي سرڪار جي ڪن تي ته جون به نه سرندي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته برساتن سبب پيدا ٿيندڙ ڏکيائين،اڻ وڻندڙ واقعن کان بچڻ لاءِ انتظاميا کي وقت سر اپاءَ وٺڻ گهرجن ته جيئن ڪنھن حادثاتي صورتحال ۾ ڪنھن وڏي عوامي جاني و مالي نقصان کان بچي سگهجي.

آفتاب سليمان لغاري

ڪجهه سال اڳ، دادو جي پوليس نظام ۾ اهڙا به دور آيا، جڏهن منشيات جي وڪري، چورين ۽ ڏوهن جي شرح ۾ اضافو ٿيو. ان دور ۾ ڪجهه انتظامي غلطين سبب، پوليس ۽ منشيات وڪڻندڙن جي وچ ۾ لاپرواهيءَ تي ٻڌل لاڳاپا پيدا ٿيا، نتيجي طور امن امان جي صورتحال بگاڙ جو شڪار ٿي. پوليس عملو صرف ڏوهن کي نظرانداز ڪرڻ تائين محدود نه رهيو، پر ڪڏهن ڪڏهن سندن خاموشي، ان ناسور جي وڻ کي پاٻوهه بڻائڻ لاءِ پاڻيءَ جو ڪم به ڪندي رهي.انهيءَ بگاڙيل دور کانپوءِ، ڪجهه آفيسرن جي اچڻ سان اميد جا ڏيئا ٻري پيا. خاص طور تي عرفان سمون جهڙا آفيسر، جن منشيات خلاف قدم کنيا ۽ ڏوهارين لاءِ دادو جي ڌرتي تنگ ڪئي. انهن جي منظم حڪمت عمليءَ سبب ننڍن ڏوهن کان وٺي وڏي پيماني تي منشيات جي وڪري تائين، ڪيترن ئي سرگرمين تي ضابطو آندو ويو. دادو ۾ هن وقت نئين مقرريءَ هيٺ آيل ايس پي بابت به ڳالهه ڪرڻي پوندي. هڪ نئين لاڙيءَ سان عوام سان ميل جول، لوڪل سطح تي اسٽيشن هائوس آفيسرن (ايس ايڇ اوز) سان رابطي ۽ انتظامي هدايتن جي ميدان ۾ سرگرم آهي. آفيسرن بابت عام خيال هوندو آهي ته اهي پنهنجي آفيسن تائين محدود ۽ عوام کان پري هوندا آهن، پر هن نئين مقرريءَ سان اها تصوير ٿورو تبديل ٿي آهي. تازو ئي بلوچستان سان لڳندڙ حدن تان منشيات جي اچ وڃ بابت رپورٽوڻ سامهون آيون آهن. ڪجهه مقامي صحافين طرفان ٽنڊو ۽ واهي رستي منشيات جي آمد جي خبرن کي اجاگر ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ انهي معاملي تي ڳڻتيءَ جو اظهار رڳو مقامي سطح تي نه، پر وفاقي ادارن جي سطح تي به سامهون آيو. منشيات جو واپار رڳو هڪ مقامي مسئلو نه رهيو آهي، پر اهو اهڙو نيٽورڪ بڻجي ويو آهي، جيڪو قومي سلامتي لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿو.رپورٽن مطابق، جڏهن اعليٰ ادارن جي توجهه هن رستي ٿيندڙ منشيات جي ترسيل تي ٿي، تڏهن پوليس انتظاميا به متحرڪ نظر آئي. ڪيس داخل ٿيا، ڇاپا لڳا ۽ گرفتاريون عمل ۾ آيون. پر ان عمل دوران به ڪيترن ئي سوالن جنم ورتو. ڪجهه ايف آءِ آرز ۾ ڄاتل سڃاتل منشيات وڪڻندڙن جا نالا ته شامل ڪيا ويا، پر سندن والدن جا نالا ’نامعلوم‘ ڄاڻائي هڪ ريت ظاهر ڪو ويو ته ڄڻ پوليس پاڻ ئي انهن ڪيسن کي ڪمزور ڪرڻ جو رستو ڳولي رهي آهي. اصل سوال اڃا تائين پنهنجي جاءِ تي بيٺو آهي، ڇا پوليس منشيات جي وڻ کي پاڙ مان ڪٽڻ لاءِ سنجيده آهي؟ ڇا پوليس اندر موجود خاميون ۽ مصلحتون ان ڪاروبار جي خلاف رنڊڪ بڻيل آهن؟

زيڊ بلوچ / دادو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.