سنڌ حڪومت جو اجرڪ واري نمبر پليٽ جي حوالي سان اهم اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ايڪسائز کاتي واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته اسان ڊيڊ لائن وڌائي ڇڏي آهي، 14 آگسٽ تائين نمبر پليٽ جي حوالي سان چالان نه ٿيندو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مڪيش ڪمار چاولا چيو ته پاڪستان ميرينز سان گڏجي منشيات خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي، هڪ سئو ڪلو ڪرسٽل آئس برآمد ڪئي آهي، ساڍا 5 سئو ڪلو چرس، 2100 پرڏيهي شراب جون بوتلون به پڪڙيون آهن.
هن ٻڌايو ته منشيات سمنڊ رستي ٻيڙين ذريعي سمگل ڪئي پئي وئي، پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ۽ ايڪسائز کاتي گڏيل ڪارروائي ڪئي، پڪڙيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت 5 کان 7 ارب هوندي.
سندس چوڻ هو ته نمبر پليٽن جي معاملي تي ڪجهه ماڻهو اجرڪ فوبيا جو شڪار ٿي ويا آهن، اجرڪ بابت ناڪاري ڳالهين جي مذمت ڪيان ٿو، اسان ڊيڊ لائن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، 14 آگسٽ تائين نمبر پليٽ جي حوالي سان چالان نه ٿيندو.
مڪيش ڪمار چاولا چيو ته 20 لک نمبر پليٽون جاري ڪري چڪا آهيون، جن ۾ موٽر سائيڪلن جون 12 لک نمبر پليٽون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.