شاهراهه ڀٽو کي ڊسمبر ۾ موٽر وي سان جوڙيو ويندو: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊسمبر ۾ شاهراهه ڀٽو کي موٽر وي سان جوڙيو ويندو.
شاهراهه ڀٽو منصوبي تي اجلاس جي صدارت ڪندي مراد علي شاهه چيو ته اهو 39 ڪلو ميٽر ڊگهو، 3 باءِ 3 هاءِ اسپيڊ روڊ آهي، شاهراهه ڀٽو ڊي ايڇ اي، ڪورنگي کي حيدرآباد سان جوڙي ٿو، شاهراهه ڀٽو جون 6 انٽر چينجز صنعت ۽ رهائش کي جوڙين ٿيون.
مراد علي شاهه ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شاهراهه ڀٽو کي ڊسمبر ۾ ڪاٺوڙ تائين ٽريفڪ لاءِ کوليندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.