حيدرآباد ۾ برسات کانپوءِ ٻوڏ جهڙي صورتحال، وڏي وزير نوٽيس ورتو، ميئر کي هدايتون جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ تيز برسات کان پوءِ مختلف علائقن ۾ پيدا ٿيل ٻوڏ جهڙي صورتحال جو نوٽيس وٺندي حيدرآباد جي ميئر سان رابطو ڪيو ۽ پاڻي جي نيڪالي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
برسات کانپوءِ حيسڪو جا فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ نيڪالي واريون پمپنگ اسٽيشنز عارضي طور بند ٿي ويون ۽ نيڪالي جو عمل متاثر ٿيو.
وڏي وزير توانائي واري وزير ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي حيسڪو انتظاميا سان رابطو ڪري پمپنگ اسٽيشنن جي بجلي بحال ڪرائي وڃي.
مراد علي شاهه عوام جي تڪليف گهٽائڻ لاءِ سڀني اهم روڊن کي جلد کان جلد اچ وڃ لائق بڻائڻ تي زور ڏنو.
هن ضلعي انتظاميا، بلدياتي ادارن، سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ، ٽريفڪ پوليس ۽ ريسڪيو سميت سڀني لاڳاپيل ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وڏي وزير زور ڏنو ته عوام جي حفاظت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.