اوٻاوڙو/ رائونتي(رپورٽ عبدالحئي ڇڄڻ + برڪت علي گھنڃو) اوٻاوڙو جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ عمر شر لڳ ھڪ ئي گھرجي ٽن ڀاتين سان افسوس ناڪ واقعو پيش آيو، گاھ ڪرڻ لاء ويندڙ ٽي عورتون واھ ٽپندي ٻڏي فوت ٿي ويون. سنڌو ۾ چاڙهه سبب ڪچي ۾ قدرتي واهن ۽ ڍورن ۾ چاڙهه اچي ويو. ڳوٺ عمر شر ۾ ھڪ ئي گھر جون ٽئي عورتون پنھنجي زرعي زمين تي چوپائي مال لاء گاھ ڪرڻ لاء واھ پار ڪندي وڃي رھيون ھيون ته اونھي پاڻي ۽ تيز وھڪري سبب ٽئي عورتون ٻڏي فوت ٿي ويون. اطلاع تي وارث ۽ سوين علائقي واسي واقعي واري ھنڌ پھچي واھ ۾ لھي پيا جتي ٻڏي ويل عورتن جي لاشن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي ٽن ڪلاڪن بعد ٻڏي فوت ٿي ويل عورتن ۾ 30 ورھن جي مائي اشرف ۔ 15 ورھن جي مائي راڻي ۽ مائي سوني جا لاش ھٿ ڪري ورتا، ھڪ ئي گھر جي ٽن عورت جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.