سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ مان ايئرڪنڊيشن غائب، اسٽريچر، ويل چيئر ڪٻاڙ خاني حوالي

خيرپور(رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو)سول اسپتال خيرپور ڪروڙين رپين جي بجيٽ ھوندي به بي لاڀ بڻجي وئي,ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو اسپتال جي  ايمرجنسي وارڊ توڙي 36 ٻين وارڊن ۾  ايئرڪنڊيشن اسپتال عملي جا چور لاھي ويا، ايمرجنسي سينٽر ۾ ڇت جو پکو ھلڻ لڳو. ايمرجنسي وارڊ جي دروازي تي صرف  2 اسٽريچر آھن مريض رلين ۽ چادرن ۾ وارڊن تي پھچايا وڃن ٿا ۽ ڪيترائي اسٽريچر،ويل چيئرون توڙي بيڊ ڪٻاڙ خاني حوالي آھن اسپتال انتظاميه ڪروڙين رپيا بجيٽ ڪاغذن تي ئي پوري ڪرڻ لڳي آهي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ سول اسپتال خيرپور انساني مختلف بيمارين جي لاء 16 ڊپارٽمينٽ آفيسون ۽ وارڊ آھن جن ۾ ميڊيڪل، سرجيڪل وارڊ سميت 16 شعبا آھن جن جا ھر 3 مھينن ۾ صرف دوائن جي مد ۾ 4 ڪروڙ رپيا اچن ٿا ۽ پگھارن جي مد ۾ ھر مھيني9 ڪروڙ روپيا ملن ٿا٠ سول اسپتال خيرپور ميڊيڪل ڪاليج به آھي تنھنڪري ڪراچي حيدرآباد نوابشاهه کان پوءِ سول اسپتال خيرپور تمام گھڻي بجيٽ رکندڙ اسپتال آھي پر اسپتال ۾ مريضن لاءِ ڪابه سھولت ناھي برنس وارڊ کي ھميشہ تالا لڳل ھوندا آھن بلڊ بئنڪ ۾ ڪنھن به مريض کي ڪميشن کان سواءِ رت ناھي ڏني ويندي جڏھن ته آرٿوبيڊڪ سرجري وارڊ ايترا ته حساس آھن جو بنا اي سي جي مريض اتي رھي نه ٿو سگھي پر مجبور ماڻھو بسترن تي پيل ھوندا آھن .  ايمرجنسي وارڊ ۾ گرمي ۾ ھڪ به ايئرڪنڊيشن موجود ناھي 3 کان 4 پکا ھلن ٿا جتي به سيکڙاٽ ڊاڪٽر ويٺل آھن. 4 ڏينھن اڳ سول اسپتال خيرپور جي انتظاميه جي نااهلي سبب سول اسپتال خيرپور جي ڇت ڪري پئي ھئي جنھن ۾ ڪيترائي مريض زخمي ٿيا ھئا پر صحت کاتي سنڌ سميت ڪمشنر سکر توڙي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور فياض راھوجو ۽ ٻين معاملي جو ھينئر تائين ڪوبه نوٽيس وغيره ڪونه ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.