ڪراچي (رپورٽر)موچڪو پوليس لکين رپين جون سوپاريون اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ايس ايس پي ڪياماڙي فيضان علي موجب موچڪو چيڪ پوسٽ تي چيڪنگ دوران پوليس حب چوڪي کان ايندڙ هڪ سيمينٽ سان ڀريل ٽرڪ کي چيڪ ڪيو ويو، جنهن مان 147 ٻوريون سوپاريون هٿ ڪيون ويون، هٿ ڪيل سوپارين جو وزن 3001 ڪلوگرام آهي، سوپارين کي سيمينٽ جي ٿيلهين ۾ لڪائي ڪراچي اسمگل ڪيو پيو ويو، چيڪنگ دوران ٽرڪ ڊرائيور محمد نصير سميت ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ ٽرڪ کي ڪسٽم اختيارين جي حوالي ڪيو ويو.