پريالوءِ (رپورٽ: عامر صوبل اوڍو) پريالو ڀرسان ڪوٽ مير محمد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو، فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڪوٽ مير محمد شهر ٻاهران نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري 20 ورهين جي نوجوان ساجد شر کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا، جنهن کي حد جي فيض محمد ٻنڊو پوليس ۽ نوجوان جي وارثن کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪوٽ مير محمد مقامي اسپتال پهچايو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنھن بعد فيض محمد ٻنڊو پوليس مقتول نوجوان جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پير جوڳوٺ مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ، جنھن بعد مقتول نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.