لاهور( پ ر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان بلوچستان ۾ هٿياربندن هٿان بس مسافرن جي قتل جي افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.۽ واقعي کي کليل دھشتگردي قرار ڏنو آهي. منصوره کان جاري ڪيل هڪ بيان ۾، جماعت اسلامي جي امير حڪومت کان مطالبو ڪيو ته دهشتگرد واقعي ۾ ملوث ڪردارن کي بي نقاب ڪيو وڃي ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته بلوچستان جي ضلعن ژوب ۽ لورالائي جي وچ ۾ قومي شاهراهه تي مسافر بسن ۾ سفر ڪندڙ نو بي هٿيار ماڻهن کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو. بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي جا وڌندڙ واقعا انتهائي پريشان ڪندڙ آهن. زوب دهشتگردي جو واقعو صوبائي ۽ نسلي تعصب پکيڙڻ جي گندي سازشن جي هڪ ڪڙي آهي. انٽيليجنس ادارا ٻيا پيشا ڇڏي پنهنجي مکيه ذميواري ادا ڪن. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا شهرين جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائين.