راولپنڊي (بيورو+م ڊ)راولپنڊي مان روزانو 9 ٻار گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، رپورٽ موجب ٽيم ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ گم ٿيل ٻارن جي ڪجهه خاندانن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن ادارن جي نمائندن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيڪي انهن متاثر ٿيل خاندانن جي مدد ڪري رهيا آهن، تحقيق جو بنيادي مقصد اهو هو ته ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي، اها رپورٽ پاڪستان جي اندر موجود ٻارن جي تحفظ جي حوالي سان هڪ خطرناڪ صورتحال کي اجاگر ڪري ٿي، جيڪا والدين، حڪومت، ۽ سماج جي هر ذميوار فرد لاءِ سنجيدگي سان سوچڻ جهڙي آهي.