ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ حڪومت پاڪستان ۽ روس وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جيڪو وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي اڳواڻيءَ ۾ پيداوار ۽ صنعت واري وزارت جي وفد ۽ روسي نمائندن وچ ۾ ٿيو. معاهدي تحت اسٽيل ملز کي جديد بڻائڻ ۽ ٻيهر فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اڳواڻن موجب، ماضيءَ ۾ نواز حڪومت ادارو بند ڪري لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، جڏهن ته موجوده حڪومت جي روس سان ڀائيواري سان نئون صنعتي دور شروع ٿيندو. اسٽيل ملز جي جديدڪاري سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ ۽ پيداوار وڌڻ جي اميد آهي. اهڙي معاهدي تي پاڪستان اسٽيل ملز جي پورهيت تنظيم جي اڳواڻن ۽ پيپلز ليبر بيورو جي اڳواڻ شمشاد قريشي، ڌڻي بخش سمون فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.