ڳالهين کان اڳ هميشه هڪ ماحول پيدا ڪيو ويندو آهي، خاص طور تي جيڪڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ ڇڪتاڻ انتھا تي پهچي وئي هجي. موجوده صورتحال به ڪجهه اھڙي نظر اچي ٿي. سوال آهي ته اھو ماحول ڪيئن پيدا ڪيو وڃي ؟
1977 جو مثال اسان جي سامهون آهي. ان وقت جو 9 جماعتن جو اتحاد، اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو لاءِ جيڪا ٻولي استعمال ڪندو ھو، اھا بيان ڪرڻ جھڙي يا شايع ڪرڻ جھڙي نھ آھي.اھڙي ريت ڀٽو صاحب بھ ڪا ڪسر نھ ڇڏيندو ھو. ڳالهيون جڏھن شروع ٿيون ته گهڻو رت وهي چڪو هو. ٻنهي پاسن جي وفدن فيصلو ڪيو ته جيستائين ڳالهيون نتيجن ڀريون نٿيون ٿين. ڳالهين جو عمل جاري رکيو ويندو. اهو به طئي ٿيو ته پي اين اي جيستائين ڳالهيون جاري آهن، تيستائين ڪنهن به هڙتال يا احتجاج جو سڏ نه ڏيندي.ٻنهي پاسن سياسي شعور ۽ وقت جي نزاڪت کي سمجھندڙ اڪابر موجود ھئا.ڪجهه سازشي عنصر پڻ هئا. تڏهن به ڳالهيون ٿيون، ٻنهي طرف کان لچڪ ڏيکاري وئي ۽ حقيقت تھ ھي آهي ته ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون ھيون ۽ مون کي اھا ڳالههھ ذاتي طور تي مولانا شاهه احمد نوراني، پروفيسر غفور ۽ نوابزاده نصرالله خان ڪيترائي ڀيرا ٻڌائي ھئي تھ مسئلي جو حل صرف سياستدان ئي ڪڍي سگھي ٿو ۽ حل نڪرندو آھي.
اپريل 2022 کان پوءِ جيڪا به صورتحال پيدا ٿي ۽ گذريل ٽن سالن ۾ جيڪو ڪجهه بھ ٿيو، اڄ اهو مسئلو ڪيئن حل ٿي سگهي ٿو؟ اصل سوال اهو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف ٽن سالن ۾ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون آهن. ڳالهھ 9 مئي جي ٿي، 26 نومبر جي يا تحريڪ انصاف جي باني سميت ۽ ان جي اهم اڳواڻن جي گرفتاري جي، ڇا هي آزادي، حڪومت جي تبديلي يا ڪا به ‘وڏي جنگ’ حڪومت کي ٻيھر چونڊ ڪرائڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي، خاص طور تي اهڙي ماحول ۾ جڏهن، پهرين نظر ۾ انهن کي حڪمران پارٽي جي حمايت به حاصل هجي. حڪومت کي گهر موڪلڻ يا نئين چونڊن ڏانهن وٺي وڃڻ جا صرف ٻه طريقا آهن. نمبر هڪ: ڳالهيون ۽ سنجيده ڳالهيون. ٻيو،جيڪڏهن لکين ماڻهو اسلام آباد پهچن، پر حڪومت ائين ڪئين ڪرڻ ڏيندي ؟ فائنل ڪال ڏئي توھان ڏسي ورتو. منهنجي خيال ۾ ۽ منهنجي عاجزاڻي راءِ ۾ مسئلي جو حل نيون چونڊون آهن ۽ اهي ان ڪري به آھن، جو پي ٽي آءِ چوي ٿي ته ان جو مينڊيٽ 8 فيبروري 2024 تي چوري ٿي ويو هو، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) دعويٰ ڪري ٿي ته ان جو مينڊيٽ 2018 ۾ چوري ٿي ويو هو. جيڪڏهن ميچ ڊرا ٿئي ٿو ته پوءِ آخري ٽيون ميچ منعقد ٿيڻ گهرجي. بهرحال، نئين امپائر، يعني اليڪشن ڪميشن جو فيصلو وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر پاران ڪيو وڃي ۽ رولز آف گيم بھ طئي ڪيا وڃن.
رھي ڳالهه تاريخ جي تھ چونڊون هن سال جي آخر ۾ بھ ٿي سگهن ٿيون.۽ اهي مارچ يا اپريل 2026 ۾ به ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن ٻئي ڌريون هڪ متحده عبوري حڪومت جي نگراني ۾ ڳالهين لاءِ تيار ٿين ٿيون ته پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ جيل ۾ ان جي ٻين اڳواڻن کي عارضي طور تي گيسٽ ھائوس ۾ وقتي طور منتقل ڪري سگهجي ٿو. جيئن 1977 ۾ پڻ ڏٺو ويو، جيڪي عدالتي معاملا آھن ، انھن کي عدالتن تي ڇڏيو وڃي. پر ٻنهي ڌرين طرفان سياسي لچڪ لازمي آھي ۽ غير سياسي عدم مداخلت بھ ضروري آهي. ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ، ميڊيا تان اڻ اعلانيل سينسرشپ جو خاتمو ۽ پيڪا جهڙن قانونن جي معطلي پڻ گھڻي ضروري آهي.
هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ڳالهين جو بنياد پي ٽي آءِ جي انهن پنجن اڳواڻن جي خط تي رکڻ گهرجي يا ڳالهيون اتان شروع ڪرڻ گهرجن جتي اهي ڇڏيون ويون هيون. اسان جي اڄ جي سياست ۾ ڪو به نوابزادو، پروفيسر غفور يا مير غوث بخش بزنجو تھ ناهن، پر پوءِ به خواجه سعد رفيق، رانا ثناءُ الله، شاهه محمود قريشي، قمر زمان ڪائره يا نويد قمر، شبلي فراز، عمر ايوب جهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي پنھنجي سطح تي گھٽ ۾ گھٽ شروعات تھ ڪري سگهن ٿا.ڳالهين جي ڪاميابي اسان کي اصل جمهوريت ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي. اهو چوڻ ته ڳالهيون صرف مقتدرا سان ٿينديون، اصل ۾ هائبرڊ سسٽم کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالهھ آهي. جيڪڏھن حڪومت جي وس ۾ ڪجهه نھ آھي تڏھن پڻ ڳالهيون حڪومت سان ئي ڪيون وڃن. جيڪڏهن اها بيوس نظر اچي ۽ ڳالهيون اڳتي نه وڌي سگهن ته ميدان هميشه تيار رھي ٿو. نه تحريڪ ڪٿي وڃي رهي آهي ۽ نه ئي ڪارڪن ۽ اڳواڻ ڪٿي وڃي رھيا آھن. جيڪي ماڻهو خان تي تنقيد ڪري رهيا آهن ته هو صرف اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهائڻ چاهي ٿو، انهن کي اھو جواب تھ ڏيڻو پوندو ته 8 فيبروري جو مينڊيٽ ڪنهن جو آهي. مون تھ گهڻو اڳ تجويز ڏني هئي ته رڳو لاھور ۾ جيڪو مسلم ليگ جو مضبوط قلعو سمجهيو ويندو آهي اتي ٻيھر چوندون ڪرايون وڃن. جيڪو به کٽي ٿو اهو ئي سڪندر آهي.
عمران جي سياسي غلطين جي هڪ ڊگهي فهرست آهي. جنھن ۾ سڀ کان مٿي پنجاب ۽ ڪي پي حڪومتن جو خاتمو آهي، پر انهن غلطين جي باوجود هو اڃا تائين پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول اڳواڻ آهي ۽ پي ٽي آءِ سڀ کان وڏي جماعت آهي. پر جيڪڏهن ڪو اڄ مقبول آهي، ته ضروري ناهي ته اهو سڀاڻي به ساڳيي صورتحال رهندي. جيڪڏهن توهان کي يقين نه اچي ته پوءِ 2020 ۽ 2021 جي ضمني چونڊن کي ڏسو. پوءِ مسلم ليگ (ن) ڪهڙي شيءِ کان جو خوف آھي ؟ ڏسو، اسان جي سياسي تاريخ ٻڌائي ٿي ته آڻيندڙ کي بھ خبر ھوندي آھي تھ حقيقت ڇا آهي ۽ ويندڙ کي بھ پتو ھوندو آھي تھ زميني حقيقت ڇا آهي. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف هن وقت سڀ کان وڌيڪ تجربيڪار سياستدان آهي. کيس اڳتي وڌڻ گهرجي چاھي کيس وڏي کان وڏي قرباني ڇو نھ ڏيڻي پوي. جيڪڏهن عمران سان ملڻ ۾ ڪو عار آهي ته هو پاڻ بھڪو وڏو فيصلو ڪري سگهي ٿو. هڪ آخري ڳالهه جيڪا خود پي ٽي آءِ کي پڻ سمجهڻي پوندي. ذوالفقار علي ڀٽو 1977 ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول ترين اڳواڻ هو پر سندس پارٽي کيس جيل مان آزاد نه ڪرائي سگهي. سياست لچڪ جو نالو آهي، نه ڊيل ڪريو ۽ نه ئي اين آر او وٺو، پرڳالهايون حڪومت سان ڪريو تھ بهتر آهي نھ تھ تحريڪ تھ ڪنهن به وقت هلي سگهي ٿي.