ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي ڀانسنگھه آباد جي رهواسڻ عورت سان مبينا طور اجتماعي ڏاڍائي ڪرڻ واري ڪيس جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ عورت سان اجتماعي ڏاڍائي ۽ تشدد ٿيڻ جا نشان نه ملڻ جو ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ رپورٽ حتمي ميڊيڪل رپورٽ ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ بعد ڪيس جو حقيقتون سامهون اچڻ جو ڄاڻايو ويو آهي، پوليس ذريعن موجب گرفتار جوابدار عبدالحڪيم آريسر جي ڊي اين ٽيسٽ لاءِ جزا ليبارٽري موڪليا ويا آهن جڏهن ته ڪيس جي مُک جوابدار مُڪيش جي گرفتاري نه ٿيڻ سبب ڊي اين اي ٽيسٽ نه ٿي سگهي آهي، ان حوالي سان وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل شاهين لغاري چيو ته شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڏاڍائي ۽ تشدد جا نشان نه ملڻ جو چيو ويو آهي، باقي رپورٽن جو انتطار آهي.