باجوڙ(م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي باجوڙ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جو اڳواڻ مولانا خان زيب ۽ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 3 ماڻهو زخمي ٿيا، ڊي پي او باجوڙ وقاص رفيق موجب اي اين پي جو اڳواڻ مولانا خان زيب امن جرڳي جي حوالي سان علائقي ۾ مهم هلائي رهيو هو ته شنڊئي موڙ واري هنڌ تي موٽر سائيڪلن تي سوار اڻڄاتل جوابدارن کيس ٽارگيٽ ڪري نشانو بڻايو، عوامي نيشنل پارٽي جي ويب سائيٽ موجب، مولانا خان زيب پارٽي جي مرڪزي ڪابينا جو ميمبر ۽ علما امور جي سيڪريٽري جي عهدي تي فائز هو، ٻي پاسي عوامي نيشنل پارٽي جي صدر سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته پارٽي هن واقعي خلاف رياست جي نالي سان ايف آءِ آر داخل ڪرائيندي، رياستي ادارا هن واقعي ۾ ملوث آهن، ڇو ته انهن مجرماڻي طور خاموشي اختيار ڪئي آهي، مولانا خان زيب جي وڏي ڀاءُ شيخ جهانزاده سان صلاح مشوري کان پوءِ، هن جي قتل جي ايف آءِ آر رياست خلاف داخل ڪرائي ويندي، هوڏانهن اي اين پي خيبرپختونخوا جي صدر ميان افتخار حسين واقعي تي ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته هي حملو صرف اي اين پي تي نه پر پشتون شعور، امن ۽ مزاحمتي سياست تي به حملو آهي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور مولانا خان زيب جي قتل جي مذمت ڪندي، لاڳاپيل عملدارن کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي.