اسلام آباد(م ڊ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته رڳو غريب ماڻهو نه، پر وڏيون وڏيون صنعتون ۽ فرنس آئل پلانٽ به بجلي چوري ۾ ملوث آهن، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڊسڪوز سبب ٿيندڙ نقصان عوام آڏو آڻڻا آهن، ڊسڪوز مالي سال 2023-24 ۾ 591 ارب رپين جو نقصان پيدا ڪيو، جيڪڏهن اهي نقصان نه ٿين ها ته ملڪ جو قرض لاهڻ ۾ آساني ٿئي ها، حڪومت ۽ ڪابينا هن معاملي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي، هڪ وڏي صنعت جيتري بجلي چوري ڪري ٿي، اوتري چوري پورو هڪ ڳوٺ به نٿو ڪري، گذريل سال بجلي چوري جي مد ۾ 276 ارب رپين جي بجلي چوري ڪئي وئي، ڪجهه ڊسڪوز تمام سٺو ڪم ڪيو ۽ بجلي چوري گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويون.