اداڪارا حميرا اصغر جي لاش جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي

ڪراچي(رپورٽر)ڊفينس واري فليٽ مان هٿ آيل اداڪارا حميرا اصغر جي لاش بابت ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه موجب لاش جو ابتدائي طبي معائنو ڪيو ويو آهي، لاش مڪمل طور تي ڊيڪمپوز ٿيڻ جي آخري مرحلي تي آهي، جنهن سبب ان مان فوري طور موت جو سبب معلوم نٿو ٿي سگهي،ڊاڪٽر سميه ٻڌايو ته موت جي صحيح سبب کي ڄاڻڻ لاءِ ڊي اين اي ۽ ڪيميڪل ايگزيمنيش جا سيمپل ورتا ويا آهن،انهن جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ئي حقيقتون سامهون اينديون، پوليس سرجن جو چوڻ آهي ته هاڻي ڪنهن به نتيجي تي پهچڻ وقت کان اڳ وارو عمل هوندو، تنهن ڪري موت جي سبب بابت ڪا به حتمي ڳالهه هن وقت نٿي چئي سگهجي، هوڏانهن ايس ايس پي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته حميرا اصغر جو پنهنجي گهر مالڪ سان فليٽ تي مسئلو هلي رهيو هو، هن 2024 کان پوءِ ڪرايو ادا ناهي ڪيو، بيلف جڏهن فليٽ سيل ڪرڻ لاءِ پهتو ته حميرا اصغر جو لاش گهر اندر ڏٺو ويو،ايس ايس پي جو چوڻ هو ته هن جي وارثن سان فون تي رابطو ٿيو آهي، هنن لاش وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن پاڙيسرين جو چوڻ آهي ته فليٽ مان ڪڏهن حميرا اصغرجي رڙين جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو، جنهن مان لڳندو هو ته هوءَ ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.