ڪراچي پريس ڪلب پاران 27 يوٽيوب چئنل بند ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري سهيل افضل خان ۽ مجلسِ عامله اسلام آباد جي هڪ مقامي عدالت طرفان 27 يوٽيوب چينلن تي لڳايل مڪمل پابندي کي اظهارِ راءِ جي آزادي خلاف ورزي قرار ڏيندي، اعليٰ عدليه کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ان فيصلي جو نوٽيس وٺي. جاري ڪيل بيان ۾ هنن چيو  ته مقامي عدالت جو اهو فيصلو انتهائي مبهم ۽ تضادن سان ڀريل آهي. هڪ پاسي اعليٰ عدليه اظهارِ راءِ جي آزاديءَ جي ضمانت ڏئي ٿي، ته ٻئي پاسي هڪ مقامي عدالت ان ئي اظهار تي پابندي لاڳو ڪري رهي آهي، جيڪو بنيادي انساني حقن ۾ شمار ٿئي ٿو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي ميڊيا انڊسٽري اڳ ئي شديد بحران جو شڪار آهي، جتي ڪيترائي صحافي بيروزگار ٿي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي پنهنجو گذر سفر هلائڻ لاءِ يوٽيوب چينل ذريعي روزگار حاصل ڪيو آهي. اهڙين پابندين سان صحافين جي روزگار تي وار ۽ کين معاشي طور قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.