حڪومت پاران پاڪستان اچڻ تي عمران خان جي پٽن کي گرفتار ڪرڻ جي ڌمڪي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت مشير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي تحريڪ ۾ ڪو به دم نظر نٿو اچي، نه ئي انهن وٽ ڪا سنجيده تياري آهي،جيڪڏهن انهن ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ ماڻهن کي سڏ ڏنو ته گهڻا ماڻهو نه نڪرندا، راڻا ثناءُ الله خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي تحريڪ صرف بيانن تائين محدود آهي، عمران خان جي پٽن بابت وضاحت ڏيندي هن چيو ته عمران خان جا پٽ قاسم ۽ سليمان برطانوي شهري آهن، انهن کي ڪيئن اجازت ملي سگهي ٿي ته هو هتي سياسي تحريڪ ۾ حصو وٺن؟، جيڪڏهن عمران خان يا سندس پٽ غيرقانوني احتجاج جي قيادت ڪندا ته انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي،هن چيو ته نواز شريف ۽ عمران خان جي ملاقات بابت افواهن ۾ ڪابه سچائي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.