اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته عمران خان جي پٽن جو تحريڪ۾ شامل ٿيڻ سندن آئيني حق آهي، ڇاڪاڻته خاندان جو تعلق عمران خان سان هڪ الڳ نوعيت رکي ٿو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي کي اهو مڪمل حق حاصل آهي ته سندن سزا معطلي واري درخواست تي جلد ٻڌڻي ڪئي وڃي، پنهنجن حقن لاءِ روڊن تي نڪرڻ ۾ ڪو به غيرآئيني ڪم ناهي، علي امين گنڊاپور کي پنهنجن ماڻهن کان ڪو به خطرو ناهي، جيڪڏهن انهن جي خلاف ڪا ٻاهرين سازش ٿيندي ته ان جو ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو.